اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ مل?? ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي ويون آهن، اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهندو، لوڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته ??ورونا جي ڪري هن سال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??ورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان کي انهن روايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ??نهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.