اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سا?? اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو ا??هار ڪندي هد??يت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ا??ا ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ دير تي ناراضگي جو ا??هار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم جي پاسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪ??يت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪري، صدر ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪم ڏيندي ان ۾ دير جي سببن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هد??يت ڪ??ي، لطيف آباد، حيدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سبب 8 سيپٽمبر 2012ع تي ڪرنٽ لڳڻ سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.