لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ذريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاق?? وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير حماد اظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏ?? وزير سردار عثمان بوزدار، تعليم واري صوبائ?? وزير مراد راس، ناڻي واري صوبائ?? وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائ?? وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر ??فيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائ?? وزير مراد راس اجلاس کي پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي ذريعيئي ترقي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جهڙي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ جهڙي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.