اسلام آباد – 11 جون (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي سمورن شعبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ووٽ وجهڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ وجهڻ، بايوميٽرڪ تصديق ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ??حمد اعظم خان سواتي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري سيڪريٽري شعيب احمد صديقي?? اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذّير ۽ ص??ر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر نذير بريفنگ ڏني.