اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي، اسان کي چئلينج درپيش آهن پر ت??قي ۽ خوشحالي جا زبردست موقعا موجود آهن، ڪورونا سبب متاثر اسرندڙ ملڪن جي معيشتن جي بحالي ۽ معاشرتي استحڪام لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز ??را??م ڪيا وڃن، ت??قي يافته ۽ اسرنڊر معيشتن جي وچ ۾ ڊجيٽل فرق کي ??تم ڪرڻو پوندو، پائيدار ت??قي ۽ 2050ع تائين ڪاربن جي مڪمل اخراج جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي تي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت کي ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائماليون بند ۽ 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، فلسطين جي صورتحال هر هڪ جي لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل قرارادان ۽ ٻه رياستي نظريي تحت منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ سهولت ??را??م ڪرڻ گهرجي، جيستائين هن خطي ۾ پراڻي ۽ ٻين تڪرارن کي ??ل نٿا ڪريون ت??قي جي امڪانن مان ان وقت تائين لاڀ نٿا پرائ?? سگهون، افغانستان جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي. هو ايشيا جي مستقبل جي موضوع تي 26هين ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان ڪانفرنس کي ??طاب سندس لاءِ اعزاز آهي، ايشيا دنيا جي آبادي جو اڌ آهي، ايشيا جو مستقبل دنيا جو مستقبل آهي، هي اهو مقام آهي جتي گذريل 50 سالن دوران انتهائي فعال معاشي واڌ، ٽيڪنالاجي ۾ ترقي، سماجي تبديلي، صنعت ۽ حرفت ۾ ت??قي ۽ انساني ت??قي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ ايشيا ۽ دنيا اهم موڙ تي آهن، اسان کي ??ير معمولي چئلينج درپيش آهي، پر اسان وٽ ترقي، خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا به موجود آهن. هن چيو ته هن وقت اسان جي پهرين ترجيح ڪووڊ 19 جو مقابلو ۽ ان تي ضابطو آڻڻ آهي، ان وبا گذريل سئو سالا صحت، معيشت ۽ سماجي حوالي سان بدترين بحران پيدا ڪيو آهي، ان وائرس ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو، 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن ان سبب فوت ٿيا، معاشي واڌ ۾ گهٽتائي ٿي، غربت ۾ اضافو ٿيو ۽ بدترين ڳالهه اها آهي ته بي روزگاري ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، ان وائرس تي جيستائين مڪمل ڪنٽرول نٿو ٿئي اهو معاشرتي انتشار ۽ ايشيا ۽ دنيا ۾ ڪٿي به امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو بڻج?? سگهي ٿو. هن چيو ته بدقسمتي سان ان سان ڪو به ان وقت تائين محفوظ نه هوندو جيستائين هر ڪوئي محفوظ نه ٿئي، اسان کي ??ن ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لازمي طور تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪووڊ ويڪسين هر هڪ کي ??لد کان جلد هر جڳهه دستياب هجي، ويڪسين جي ??را??مي ۽ ورهاست کي فوري طور تي وڌايو وڃي، حقوق دانش معاف ڪيا وڃن، اسرندڙ دنيا سميت ان جي پيداوار وڌائي وڃي ۽ ويڪسين جي سهولت ک?? سگهه ڏني وڃي ۽ مالي مدد ??را??م ڪئي وڃي. هن چيو ته ان وائرس غريب ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي ان جي اثرن سان مقابلي لاءِ ضروري آهي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۽ ٻين مالي پريشاني جو شڪار ملڪن کي ??حالي ۽ معاشرتي استحڪام کي ??رقرار رکڻ لاءِ مالياتي آسانيون ۽ فنڊز ??را??م ڪيا وڃن.