اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي ??ستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، ايندڙ گرمين جي موسم ت??ئي?? سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ ل??ئي?? ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ ت??ئي?? مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ۾ بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پاڪستان ۾ اشرافيه جي ??هڻي ڪهڻي جو طريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳي ته اهي غريب ملڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي ??ءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ ا??ن ايڇ اي ۽ مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پاڪستان آهي، دنيا ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو آهي، ان سان شفافيت ايندي، جي ??ءِ ايس سان جديد ٽيڪنالاجي ??ريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي.