اسلام آباد – 25 –; ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نج?? سطح تي ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ب??ني پاڪستان جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري ??ڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان ملٽري ??ڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ??ن موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خو??ني ڪئي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري ??ڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قوم کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نج?? سطح تي قرآن خو??ني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نج?? سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.