اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته هاڪي قومي راند آهي ۽ موجوده حڪومت هاڪي جي راند کي ماضي وانگر عروج ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور سرپرستي ڪندي، انشاءُ ال??ه مستقبل ۾ هاڪي جي راند ۾ بهتري نظر ايندي. هو پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي هيڊڪوارٽر نيشنل هاڪي ??سٽ??ڊيم ۾ پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري آصف باجوه ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته هاڪي راند پاڪستان جي فخر آهي، ماضي ۾ پاڪستان ان راند ۾ شاندار ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هاڪي کي وڃاي?? مقام پائڻ لاءِ هاڪي فيڊريشن جي آفيشلز ۽ ڪ??چز جذبي سان بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن.