اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيش?? کي مٿ?? کڻڻ لاءِ نوجوانن کي اسٽيڪ هولڊر بڻائڻو پوندو، ڪامياب جوان پروگرام جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهيان، رقم جي ورهاست جو عمل وڌيڪ تيز ۽ شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ملڪي مع??شت تي منفي اثر ختم ڪرڻ لاءِ اهو پروگرام تمام گهڻو ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم خاص مد??گار عثمان ڊار ۽ ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي تازه ترين انگن اکرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ پروگرام تحت نوجوانن ۾ ر??م ورهائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي مشاورت به ڪئي وئي.