اسلام آ??اد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڏس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي برساتي نالن جي صورتحال بابت ت??صي??ي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي ??ي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اسلام آ??اد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شامل هو. وزيراعظ?? ميڊيا آفيس موجب سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ ت??صي??ن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي اين ڊي ايم اي کي ڪراچي ۾ برساتي نالن جي صورتحال بابت ت??صي??ي جائزه رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ??ي عوام کي ان مشڪل صورتحال ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.