اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل ??يص??ن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب ط??قي جو تحفظ آ??ي ته ج??ئن انهن تي اضافي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل ??يص??ن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن ??يص??ن تي جلد کان جلد عم??درآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.