اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين سيشن دوران ايوان جي ڪارروائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ?? ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خوشگوار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين پارلياماني پارٽين جو ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ?? به انهي جذبي کي برقرار رکيو ويندو. پارلياماني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ کان وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.