اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??حساس راشن پورٽل، احساس لنگر، پناهه گاهه ايپس ۽ وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ويب سائيٽ سميت ٻين (ويب سائٽس ۽ ايپس) احساس قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آه??، انهن قدمن جو مقصد ڪووي?? 19 ??ابت رليف جي قدمن جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي بهتر حصيداري ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آه??، اهي قدم شروع ڪرڻ جو بنيادي مقصد ڊونرز، فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن ڪووي?? 19 ??ي صورتحال ۾ اهي حڪومت سان وڌيڪ بهتر حصيداري تحت قدم کڻي سگهن. ان ??والي سان ??قريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته حڪومت ڪوويڊ 19 کان معاشري جي متاثر طبقن جي مدد ۽ سپورٽ جي لاءِ عطيو ڪيل هر هڪ رپئي جي حوالي سان ??فافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت انهن لاڳاپيل ايپس ۽ ويب سائٽس کي لائونچ ڪري شفافيت جي حوالي سان ڊونرز کي اعتماد فراهم ڪري رهي آهي. نئين لائونچ ڪيل پي ايم ويب سائٽ بابت هن چيو ته ان ??ي سمورن فائدو کڻندڙن جي فهرست شايع ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته احساس پروگرام ۾ به شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي. وزيراعظم عمران ??ان ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سندس ٽيم جي احساس ڪيش پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پروگرام تحت رقم جي شفاف ۽ موثر پهچ کي يقيني بڻايو ويو آهي.