اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خا?? معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي صوبن سان مشاورت کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سيلف ڪورنٽين پاليسي لاڳو ڪئي پئي وڃي، اها پاليسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هڪ هفتي ۾ ٻ??هرئين ملڪن ۾ ڦاٿل 14 هزار تائين پاڪستانين کي واپس آڻي سگهبو، ايندڙ هفتي نار ملڪن، آمريڪا، ملائيشيا، بنگلاديش، عراق ۽ چين مان 32 اڏامن ذريعي 7500 پاڪستانين کي واپس آندو ويندو. هو ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي حوالي سان تازي صورتحال بابت م??ڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.