ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو ??رد??ري تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ ??يهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو ??رد??ري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪر?? ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بن??اد?? تي ختم ڪر??و پوندو ۽ قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي علم جي حوصلا افزائي ڪر??ي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي سدائين تعليم جي شعبي ۽ تربيت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪر?? سان گڏوگڏ ??ورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي ??رد??ري جي قيادت هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪومت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀٽو ??رد??ري چيو ته 1973ع جو آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن تائين پهچ انهن جو بن??اد?? حق آهي. هن چيو ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي معياري تعليم جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو معياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس تعليم جي نظام جي ذريعي ئي پاڪستان کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.