ڪر??چي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ انگ ۽ معيار جي لحاظ کان وڌيڪ گري??وئ??ٽس جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا کي ان شعبي ۾ انهن گري??وئ??ٽس جو وڌيڪ انگ گهرجي، چِپ مينوفيڪچرنگ 2030ع تائين 1.3 ٽريلين ۽ ويجهي مستقبل ۾ آءِ ٽي سيڪٽر اربين ڊالر جي صنعت هوندي جنهن جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 80 ملين کان وڌيڪ گري??وئ??ٽس جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عثمان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (يو آئي ٽي) يوينورسٽي ۾ منقعد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پاڪستان جي پهرين اوپن سورس آر آءِ ايس سي – دي مائيڪرو پروسيسر کي ڊيزائن ڪرڻ تي يو آءِ ٽي ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ گري??وئ??ٽس پيدا ڪرڻ گهرجن، سرڪاري ۽ نجي ادارن کي ان شعبي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ گري??وئ??ٽس پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڪوانٽم ليب قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. هن ورچوئل يونيورسٽي ۽ قائد??عظ?? يونيورسٽي کي ساراهيندي چيو ته اهي ان شعبي ۾ گري??وئ??ٽس تيار ڪري بهترين ڪم ڪري رهيون آهن، ان کانسواءِ ان شعبي ۾ وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي لاءِ آن لائين ڪلاسز منعقد پڻ ڪري رهيون اهن. هن چيو ته اسان آءِ ٽي سيڪٽر جي لاءِ هر قسم جي سپورٽ جاري رکنداسين. وزير??عظ?? عمران خان جي تازي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزير??عظ?? ٽيڪسٽائيل، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي. صدر چيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان وٽ هيومن ??يسورس سستو آهي. هن چيو ته ملڪ کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ هر شخص جي ضرورت آهي ۽ حڪومت کي ان جي لاءِ موقعا پڻ پيدا ڪرڻ گهرجن. هن يو آءِ ٽي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته يونيورسٽي پاڪستان جو پهريون اوپن سورس رسڪ بيسڊ مائيڪرو پروسيسر تيار ڪري آءِ ٽي انڊسٽري ۾ وڏي خال کي ڀرڻ ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي سيليڪون فيڊريشن جي چيئرمين نويد شيرواني چيو ته 40 چپس ۽ ڊيزائين ليبس پوري پاڪستان ۾ قائم ڪيون وينديون ۽ يو آءِ ٽي پاڪستان جي واحد يونيورسٽي آهي جنهن ٻه سال اڳ هڪ ننڍي ڪمري ۾ چپ تيار ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شعيب زيدي پڻ خطاب ڪيو.