اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته پاڪستان جي پرڪشش ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي اڀر?? رهيو آهي، پاڪستان ملڪ جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آڻڻ ??اء?? مختلف سڌارا متعارف ڪرايا آهن، غير ملڪي واپاري ملڪ جي سيڙپڪار طور ڪاروباري نظام مان فائدو کڻن، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر الجزائر ۽ يونان جي سفيرن ۽ موريطانيه ۽ البانيا جي چونڊيل غير مقيم سفيرن سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيند ڪئي، جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، برونائي داراسلام جي چونڊيل هاءِ ڪمشنر پينگيران عبدالصمد بن پينگيران حاجي ميتاسان، الجزائز جي چونڊيل سفير براهيم رونامي، يونان (هيلينڪ ريپبلڪ) جي ڪونسٽنٽينوس مواتس، موريطانيه جي محمد والباه ۽ البانيه جي نامزد سفير ڪسٽريوٽ روبو هڪ تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? کي پنهنجون سندون پيش ڪيون، صدر نئين چونڊيل سفيرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو دوست ملڪن سان گڏ معاشي واپاري ۽ ثقافتي تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته آساني ڪاروبار سان غير ملڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي تر??يب ملندي، پاڪستان معاشي ترقي ??اء?? پنهنجي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏئ?? رهيو آهي، پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپاري ماپو خاص طور روانگي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر چيو ته دوست ملڪن سان گڏ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ تعاون ??اء?? اداره جاتي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، صدر غير ملڪي سفيرن کي افغانستان جي سنگين انساني صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي انسان جي تباهي کان بچائڻ ??اء?? انهن جي مدد ڪري.