اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن جيڪي هر مشڪل وقت ۾ آزمايل ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، ٻئ?? ملڪ مسلسل دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪري ره??ا آهن، دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن انهن مان ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو به هڪ چئلينج آهي، عالمي لاڳاپن جو بنياد بالادستي بدران اصولن تي هجڻ گهرجي، پاڪستان چين جي مختلف شعبن ۾ ترقي جي تجربن مان فائدو کڻي رهي?? آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻئ?? ملڪ ڪوشش ڪري ره??ا آهن، گوادر بندرگاهه سان چين جي اولهندي علائقن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، سائبر سيڪيورٽي ۽ انساني وسيلن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي هر موسم جي تزويراتي تعاون تي ٻڌل حصيداري تي ٻڌل آهن. ٻنهي ??لڪن جي دوستي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ ٻئي انهن لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري آڻي ره??ا آهن جيڪي 50ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿيا هئا ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ زبردست ترقي ڪندا هئا. هن چيو ته چين جو دنيا سان رابطو پاڪستان ذر??عي قائم ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته نئون عالمي نظام اڀري رهي?? آهي. مختلف معاملن تي پاڪستان ۽ چين جي سوچ هڪ جهڙي آهي. صدر زور ڏنو ته ڪا به عالمي تبديلي بالادستي بدران اصولن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. آئرن برادرز جي وچ ۾ لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ٻئ?? ملڪ ون بيلٽ اينڊ ون روڊ ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ڪري ره??ا آهن. هن چيو ته ٻنهي ??لڪن جي قيادت تاريخي لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري آڻي رهي آهي. صدر چيو ته اهي ??اڳاپا عوام سان عوام جي رابطي تي ٻڌل آهن. صدر علوي چيو ته ٻنهي ??لڪن کي آزمائش جي گهڙين کي منهن ڏيڻو پيو. دنيا کي مختلف چئلينجز درپيش آهن ۽ ڀارت جي ڪشمير تي غيرقانوني قبضي جهڙا مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مسلسل دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪري ره??ا آهن ۽ پائيدار امن تي زور ڏئي ره??ا آهن. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن جا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ سٺو مثال آهي ته ڪيئن ملڪ دوستاڻن ۽ اصولن ۽ گڏيل افهام تفهيم جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪري سگهن ٿا. سي پيڪ بابت صدر چيو ته اها تعاون جي منفرد شڪل آهي، سي پيڪ جا مڪمل ٿيندڙ منصوبا اٽڪل 28 بلين ڊالر جا هئا جڏهن ته وڌيڪ 24 بلين ڊالر جا منصوبا پڄاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ سي پيڪ جا پاڪستان جي معيشت تي زبرسدست اثر پوندا. سي پيڪ جي خلاف ڀارت پاران شروع ڪيل پروپئگنڊه کي رد ڪندي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وسيع تعاون جاري آهي. هن چيو ته ان سيڙپڪاري تي تمام گهٽ مارڪ اپ استحصال بدران گڏيل تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو جهڙوڪ منصوبي جي مخالفت ڪندڙن پاران اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته سي پيڪ تحت شروعاتي منصوبا توانائي تي ٻڌل هئا ڇو ته پاڪستان کي توانائي جي سخت کوٽ درپيش هئي، بعد ۾ ٻئي مرحلي ۾ خوراڪ، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي ۾ تعاون جا وڏا شعبا آهن. صدر ان ڳالهه کي ورجايو ته انهن گهڻ رخن منصوبن جي ذر??عي پاڪستان ۾ ماڻهن کي روزگار جا وڌيڪ موقعا ملندا ۽ اهي غربت کان ٻاهر ايندا. هن چيو ته صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائي غربت جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو جنهن تي پاڪستان احساس پروگرام جهڙن مختلف قدمن ذر??عي پورو ڌيان ڏئي رهي?? آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چين ٻُڙي ڪوويڊ پاليسي اختيار ڪئي هئي پر پاڪستان ان کي بلڪل مختلف انداز ۾ سنڀاليو، پاڪستان ۾ حڪومت جزوي لاڪ ڊائون جي چونڊ ڪئي ڇو ته ان جي معيشت مڪمل لاڪ ڊائون جو بار برداشت نه ڪري سگهي ??ا. هن چيو ته جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 6800 ڪوويڊ ڪيسز هئا. گوادر بندرگاهه جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، اها نار خطي جي ويجهو موجود سڀ کان وڏي بندرگاهه ۽ اونهي سمنڊ جي هڪ وڏي بندرگاهه آهي. صدر چيو ته اها چين جي اولهندي علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي جيڪو ان جي لاءِ وڏو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه ماهيگيري سميت ٻين رخن سان به اهم آهي. صدر ٻنهي ??لڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو ته اهي چين کان گوادر ۽ گوادر کان چين تائين سامان جي چرپر کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪن. هن چيو ته گوادر افعانستان ۽ وچ ايشيائي جمهوريه جي لاءِ مختصر ترين رستو هوندو. هن چيو ته جيترا وڌيڪ رابطا قائم ٿيندا ايتري ئي وڌيڪ ترقي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي دنيا تائين ٿيندي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گوادر بندرگاهه پوري خطي ۾ امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائيندي.