اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جو مينيجنگ ڊائ??يڪ??ر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن ج?? کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. اڄ وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شا??ل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، آڪٽ??بر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي، هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، هن سال جي آغاز تي وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو، احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ??ڙي آهي، سرندي وارن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شا??ل ڪرڻ لاءِ احساس ڪير بکيو نه سمهي عطيا فنڊ به قائم آهي.