اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه گذريل حڪومتن پاران ورتل قرضن جي مد ۾ اسان ساليانو 2 هزار ارب روپيا واپس ڪري رهيا آهيون، ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪي آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ آهن، مخالف ڌر سمنڊ ??ار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نٿي چاهي، 2023ع ۾ 1500 ارب روپيا بجلي گهرن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا، بجلي جا پلانٽ لڳائيندي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کي نظرانداز ڪيو و??و، سنڌ ۾ 13 سال اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي صوبي کي ب??باد ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو.