اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگ??ام فلاحي رياست جي قيام جو بن??اد آه??، اهو هڪ زبردست قدم آه??، ان پروگ??ام ۽ هائي?? ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر ??ست??اب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگ??ام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.