اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي ج?? خلاف ??ڪايت تي بينڪنگ محتسب پاران ??نا??ب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف ??ون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئنڪنگ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو ??ر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪنگ محتسب ??نا??ب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي ج?? خلاف ??در کي اپيل ڪئي.