اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ون?? سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيص??و ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي ??ان ٻاهر اچڻ کان ئي تيار نه آهن، مشينن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي مشينون موجود هونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي مشينون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وز??را??ظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وز??را??ظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وز??را??ظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو نتيجن جو وقت سر نه اچڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ان جو حل اهو آهي ته ??ون?? سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه فيص??و ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي ??ان ٻاهر اچڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين نتيجا سامهون نه آيا، هن ٻڌايو ته پاڪستان جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي تياري ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين تيار ڪئي وڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن مشينن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.