اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گه??وا??يءَ ثمينه عارف علوي چيو آهي ته مع??شري جي مع??شي طور تي ڪمزور طبقن کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي زندگي ??و معيار بلند ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جا ٻار اسان ??و مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي فراهمي ضروري آهي، پاڪستان بيت المال ٻارن کان مشقت جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي هيڊڪوارٽرز ۾ جبري پورهيئي کان متاثر ٻارن جي بحالي لاءِ پاڪستان بيت المال پاران قائم ڪيل اسڪولن جي ٻارن ۾ اسڪول بيگز ۽ ٻيا تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. اهي تحفا پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفارتخانن جي هيڊ آف مشنز جي گه??وا??ين جي گروپ ڏنا آهن. صدر جي گه??وا??يءَ تقريب جي انعقاد ۽ تحفن تي سفارتي ڪميونٽي جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته انساني ڀلائي ۽ ترقي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. هن چيو ته نوجوان نسل جو ڪنهن به مع??شري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، اسان جا ٻار اسان ??و مستقبل آهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر جي فراهمي ضروري آهي، تعليم هر ٻار جو حق آهي ۽ ان کي حق آهي ته هو پنهنجو ننڍپڻ ڀرپور انداز ۾ گذاري.