اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ??سا?? کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??سا?? جو وي??ن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر ه?? حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ??سا?? جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اڄ ??سا?? کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ ??سا?? باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪري??ن ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن ??سا?? ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪري??ن ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بدترين رياستي جبر درپيش آهي، ??سا?? انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪري??ن ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.