اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورن هدف?? وانگر وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ به بري طرح ناڪام ٿيندي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون پنهنجي پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي رهيون آهن، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ڪجهه هفتا رهجي ويا آهن، اعليٰ عدليه کان رهنمائي ورتي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪري سگهون ٿا، مخالف ڌر پاران ٻن سالن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پروپئگنڊه بي بنياد آهي، ٻن سالن ۾ ورتل ٻاهرئين قرضن مان 6 کرب ماضي جي قرض ۽ وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن، پارلياماني ??ارٽي ۾ سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. هو پي ٽي آءِ جي پارلياماني ??ارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.