اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هندوتوا نظريي جي ڪري ڀارتي معاشرو تباهي طرف گامزن آهي، غير قانوني ??ور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو آر ايس ايس جي عيسيائين کي جبري طور تي مذهب تبديل ڪرڻ سميت، مسلمانن ۽ اقليتن جي خلاف پاليسين جي حمايت ۾ ڊگهي عرصي کان جاري قدمن جو تسلسل ??هي، گوجره واقعي ۽ بابري مسجد ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ انتهائي تعصباڻي انداز ۾ ڪم ڪيو، هندستان ۾ اقليتن کي انهن ??ي اعليٰ عدليه مان ڪا به ??ميد نه آهي، ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ مذهبي تاريخي ماڳن کي ٻڌمت جي نموني ??ور تي محفوظ ڪيو ويو، پاڪستان متوازن پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي جنهن ??و ڪنهن به ??رف جهڪاءُ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي نشر ڪيل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو.