لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود قريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ ??هم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳ??اڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ ق??مي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي ادارن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ ق??م جا خيرخواه نه آهن.