اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪ??ئونسل جو 42 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تج??يز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪ??ئونسل پيٽروليم واري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن واري وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪ??ڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪ??ئونسل تج??يز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪميونٽي اس??ولز بابت قومي ڪميشن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اس??ولز بابت قومي ڪميشن، استادن ۽ شاگردن کي وفاق?? تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪيو وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاق?? تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تي??ر ڪري گڏيل مفادن واري ڪ??ئونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.