اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرا?? تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظا?? تحت جاري آهي، احساس پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذميدار جي خلاف شڪايت مليون ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته سماجي تحفظ جي ان پروگرام ۾ شفافيت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوابي ضلعي ۾ ادائيگي مرڪز جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ڪمزور طبقي کي مٿي کنيو وڃي ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪيو ويو، ڊاڪٽ?? ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرا?? تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظا?? تحت جاري آهي، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي شفاف انداز ۾ هلايو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن مستحق جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.