اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انشورنس انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ منا??ب مارڪيٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام جي اعتماد جي لاءِ انشورنس جي شرطن بابت اڳواٽ وضاحت سان گڏوگڏ مڪمل آگاهي جي لاءِ پڻ قدم کني?? وڃن، اسان دهشتگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي قومي تعمير جي عمل مان گذري رهيا آهيون، سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته هڪ سٺو ۽ خوبصورت پاڪستان اڳ??ي وڌندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انشورنس انڊسٽري جي اقتصادي واڌويجهه ۽ محتسب جي ڪردار جي موضوع تي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو.