اسلام آباد ?? 24 ??سمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي چئلينجز جي حل لاءِ مسجدن ۽ عالم سڳورن جي موثر ڪردا?? ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهم سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن سان لاڳاپيل اسلامي تعليم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ذميدارين ۽ واعدن کي پورو ڪرڻ تي موثر انداز ۾ تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ ا??لامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز شرڪت ڪئي.