??سل??م آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گلگت بل??ستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بل??ستان جي گورنر نگران وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بل??ستان جي گورنر چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ وفاق کي مضبوط ڪندي. وزيراعظم گلگت بل??ستان جي گورنر جو نيڪ خواهشن تي ٿورو ادا ڪيو. گلگت بل??ستان جي گورنر وزيراعظم کي گلگت بل??ستان جي دوري جي دعوت ۽ قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب جي دعوت ڏني. گلگت بل??ستان جي گورنر وزيراعظم کي گلگت ۾ جاري ترقياتي منصوبن بشمول انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۽ قراقرم يونيورسٽي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ کيس افتتاح جي دعوت پڻ ڏني.