مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته نريندر مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جي??و قدم کنيو آهي انهي سان ڪشمير جي آزادي جو رستو نڪرندو، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪشميري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جنه?? کانپوءِ اڳتي جو مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي ف??ح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آزاد ڪشمير فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي جڏهن ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گهٻرايل ماڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي قدم?? کانپوءِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي جيڪڏهن پنهنجي تازي قدم تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند هندوئ?? کان خطرو آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيند??، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هندوتوا جي حوالي سان دنيا اسان جي ڳالهه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونسازي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.