اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان ??طابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون ??ي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ??لاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طو?? تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ??وڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون ??ي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان ??ڪمل تعاون ??اري رکندو. ان ????قع?? تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.