اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سياسي قوتن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، ان سلسلي ۾ کيس مثبت اڳڀرائي جي اميد آهي. نجي ٽيليويزن چينل ”جيو نيوز“ کي هڪ انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته هو سدائين ??ياسي قوتن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو حامي رهيو آهي ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ پردي پويان رابطا ڪن??و رهيو آهي. هن چيو ته آئون ان حوالي سان ڪا اڳڪٿي نه ڪندس پر اهو چئي سگهان ٿو ته آئون پراميد آهيان، مثبت ڪوششون ڪارائتيون ٿابت ٿينديون. وقت کان اڳ چونڊن جي تڪرار جي حوالي سان صدر چيو ته سياسي قوتن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي. ٻوڏ جي وسيع چئلينج تي ڳالهائيندي صدر چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ??يزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سميت سمورا ادارا ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۽ ريليف ڏيڻ جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قومي معيشت ڪوويڊ 19، ٻوڏ، حڪومت جي تبديلي ۽ يوڪرين ??ي جنگ جي ڪري متاثر آهي. ايندڙ آرمي چيف جي مقرري بابت هڪ سوال تي صدر چيو ته ان معاملي کي تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سان لاڳاپن بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ان سان سٺا لاڳاپا آهن جيئن ته ٻنهي جي وچ ۾ اڪثر ايڊوائيسز تي اتفاق راءِ ڏٺو ويو آهي. صدر چيو ته هن اوورسيز ووٽنگ، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ قومي احتساب بيورو جي بلز جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي ڇو ته خامين کي ختم ڪرڻ بدران پوري اداري کي ختم نه ڪرڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته هو آءِ ايم ايف معاهدي جي ڪاميابي تي خوش آهي ڇو ته ان سان ٻين ??المي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان فنڊنگ جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ پاليسين ۾ تسلسل ضروري آهي. ان سوال تي ته هو صدارتي يا پارلياماني نظام مان ڪنهن جي حق ۾ آهي، صدر چيو ته چونڊيل ماڻهو وڌيڪ اهم آهن ڇو ته خراب ۽ سٺي وزيراعظم يا صدر ٻنهي جا مثال موجود آهن. صدر ڊا??ٽر عارف علوي عمران خان جي غيرملڪي مداخلت جي الزامن جي جاچ جي نتيجن کي عام ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته هن وزيراعظم کي لکيل خط ۾ به ان تي زور ڏنو آهي. غيرملڪي فنڊنگ ڪيس بابت هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان هن پارٽي جي سپورٽرز کان ملندڙ فنڊنگ کي دستاويزي بڻائڻ جو مڪينزم متعارف ڪرايو هو.