اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معيشت کي ڏاولپڻي کان بچائي ورتو آهي، پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري معاهدو مستقبل جي واپاري لاڳاپن جو رخ متعين ڪندو، ٽن سالن ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين، درآمدي ٻارڻ تي خرچ ٿيڻ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ پن بجلي، شمسي توانائي ۽ هوا سان بجلي پيدا ڪرڻ جهڙن متبادل ذريعن تي دارومدار ڪنداسين، ترڪ ڪمپنيون پا??ست??ن ۾ پن بجلي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪن، سيڙپڪاري ??ي راهه ۾ هر قسم جي رڪاوٽن جو خاتمو ڪيو ويندو، منافعي جي منتقلي ۾ دير نه لڳندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش جي مان ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سان اسان مصنوعات جي واپار جي تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي رهنمائي ۽ پا??ست??ن حڪومت جي تعاون سان واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش ۽ سندس ٽيم وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، هي معاهدو اسان جي ڀائيچاري ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو مضبوط عڪاس آهي، پا??ست??ن ۽ ترڪيه جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل احترام ۽ صدين تي ٻڌل آهن پر اسان جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو انهن مثالي لاڳاپن سان هڪ جهڙائي نه ٿو رکي، ان معاهدي سان اسان جي مستقبل جي واپاري لاڳاپن جو رخ متعين ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ??بقن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفو واپاري ڪاٿو ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته مئي ۾ ترڪيه جي دوري ??ي دوران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي هئي، اتي ڪاروباري ??خصيتن سان پڻ ملاقاتون ٿيون، ڪاروباري ??بقي جي لاءِ هي معاهدو هڪ وڏو موقعو آهي، ان مان انهن کي فائدو کڻڻ گهرجي، ترڪيه جو پن بجلي جو منصوبو لڳائڻ ۾ وڏو تجربو آهي ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ترڪيه جي ڪمپنين اهي منصوبا لڳايا آهن، اسان پا??ست??ن ۾ ترڪ ڪمپنين کي پن بجلي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ??ي دعوت ڏيون ٿا، انهن جي سيڙپڪاري ??ي آجيان ڪئي ويندي، پا??ست??ن ۾ پن بجلي جي پيداوار جا وسيع موقعا آهن پر انهن مان اڃا تائين پوري ??رح فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته اسان جو ٻارڻ جو درآمدي بل 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جنهن کي پا??ست??ن برداشت نه ٿو ڪري سگ??ي، ان لاءِ متبادل توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي وسيلن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پن بجلي، شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور جي پيداوار وڌائڻ جا پا??ست??ن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، هاڻي اسان 500 ۽ 600 ميگاواٽ سولر منصوبن ۽ ڪجهه سئو ميگاواٽ ونڊ پاور منصوبن مان حاصل ڪري ??هيا آهيون. هن چيو ته معيشت کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، حڪومت جي موثر قدمن جي نتيجي ۾ اسان معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي پر اڃا تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي، مشڪلاتون ضرور آهن پر اهو ڪم ناممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي وقت جي ضرورت آهي، ٽيوب ويل ۽ اهم سرڪاري ??مارتُون شمسي توانائي تي منتقل ڪري سگ??ون ٿا، سولر توانائي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي، شمسي توانائي ذريعي ٻارڻ تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگ??جي ٿو، سرڪاري ۽ نجي حصيداري ??ان 5 هزار کان 6 هزار ميگاواٽ جا سولر پارڪس لڳائي سگ??جن ٿا، ان کانسواءِ غريب خاندانن جي لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جهڊا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيا آهيون. وزيراعظم ترڪيه جي واپار واري وزير کي چيو ته هو پنهنجي ملڪ جي مينوفيڪچررز ۽ سيڙپڪارن کي پا??ست??ن موڪلين، اسان لاڳاپيل وزيرن ۽ سرڪاري ??فيسرن سان ملاقاتن جو انتظام ڪري وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ انهن منصوبن تي ڪم جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته ان مقصد جي لاءِ ترڪيه، اسلامي ملڪن، اتر آمريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر بعيد ۾ هر جڳهه پنهنجي دوستن ۽ حصيدارين سان ڳالهائينداسين، آئون ضمانت ڏيان ٿو ته سيڙپڪارن کي انهن جو منافعو ۽ ٻيون ادائيگيون اسٽيٽ بئنڪ ۽ لاڳاپيل بئنڪن ذريعي فوري ٿينديون ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رڪاوٽ نه ايندي، ڳاڙهو ڦيٿو رڪاوٽ نه ٿيندو ۽ انهن منصوبن جي لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پنهنجون توانايون ۽ وسيلا وڌندڙ درآمدي بل تي خرچ ڪرڻ بدران سستي توانائي جي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن سان اسان جي زرعي، صنعتي ۽ ٻين شعبن کي به فائدو ٿيندو ۽ سستي توانائي ملندي.