نئي?? دهلي – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غيرقانوني طور تي نظربند سينيئر اڳواڻ نع??م احمد خان 5 آگسٽ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن ڀارت جي زوال جي شروعات آهي، جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪشمير ميديا سروس موجب نع??م احمد خان نئي?? دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڀارت جي توسيع پسنداڻي ڏوهن تي روشني وجهندي چيو آهي ته ڪشميرين کان انهن ج?? سڃاڻپ کسڻ جو ڀارتي قدم مسلمان اڪثريتي رياست کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي انهن ج?? گهري سازش جو حصو آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن کي انتهائي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته شق 370 ۽ 35 اي کي منسوخ ڪرڻ نه رڳو ڀارتي آئين ج?? خلاف ورزي آهي پر گڏيل قومن ج?? قراردادن ۽ ٻين عالمي معاهدن ج?? روح جي به خلاف آهي. هن چيو ته هي هڪطرفو قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ج?? سراسر خلاف ورزي آهي. هن چيو ته سنگين سياسي اثر رکندڙ اهو خطرناڪ قدم ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي انهن ج?? وسيلن?? ملازمتن، سڃاڻپ، ثقافت، زمين ۽ سڀ کان وڌيڪ خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي. نع??م احمد خان چيو ته ڪشميرين ڪڏهن به غيرقانوني ڀارتي قبضي کي قبول نه ڪيو ۽ انهن 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي قدمن کي به رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ڪنٽرول کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، ظالماڻا قانون لاڳو ڪيا پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀئي قدم ڪشميرين کي محڪوم بڻائڻ ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن ج?? لاءِ وڙهڻ جي انهن ج?? خواهش کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.