سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي ڪال کي ورجائيندي ڪشميري عوام کي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ??ئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽر?? جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 آگسٽ جديد ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي ۽ ڪشميري ان کي سدائين استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. هن چيو ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن هو جڏهن انس??ني?? جي قاتل نريندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني ح??وم?? ڪشميرين جا سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻيا سمورا بنيادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ??مون ۽ ڪشمير کي هڪ وڏي کلي?? جيل ۾ تبديل ??ري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ڪشمير جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي ۽ بنيادي حقن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪيو ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي ح??وم?? پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ??رڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هندوتوا قوتن تڪراري علائقي ۾ انتظامي تبديليون آڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي جنهن جي شروعات نئين ڊوميسائيل قانون سان ڪئي وئي.