اسلام آباد ??? 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊي?? ۽ ??ظهار راءِ جي آزادي ڪنهن تي اح??ان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات ??اري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو اح??رام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ اح??اس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ??ي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي وفد اطلاعات ??اري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته صحافتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.