اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ??حت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثالي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ??حت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر انداز ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او جو وقت سر تعاون مثالي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي ??حت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ??حت جي عالمي اداري سدائين مدد ??ئي آهي. پوليو جي خاتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام کي ??حت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سينيٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فراهم ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.