ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ساڍا ٽن سالن ۾ ترقي جو هڪ به منصوبو شروع نه ڪيو ۽ نه ئي عوام کي هڪ رپئي جو ريليف ڏنو تنهن ڪري هاڻي سياسي ۽ اقتصادي لحاظ ??ان ملڪ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي کوکلو ۽ برباد ڪري هاڻي وفاداري ۽ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پيا وڃن، جڏهن گذريل حڪومت کي خبر پئجي وئي ته حڪومت وڃي رهي آهي ته چال هلي ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو روڪي ڇڏيو، غريب ماڻهو جي مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاءِ پُرآسائش شين جي درآمد تي پابندي هڻي ساليانو 4 ارب ڊالر بچائينداسين، سولر تي ٽيڪس گهٽ ڪنداسين، دوست ملڪ قرض رول اوور ڪري رهيا آهن، چين سولر ۽ ونڊ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايوان صنعت ۽ واپار ڪراچي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون وزارت عظميٰ جو حلف کنيو ته ڊالر 189 تي هو، انهي ڏينهن 8 رپيا سستو ٿيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي آئي، آئون هتي ڪا پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ نه آيو آهيان پر جڏهن گذريل حڪومت کي خبر پئي ته بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي ويندي ته انهن کي ڪنهن چالاڪ ماڻهو مشورو ڏنو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو روڪي ڇڏيو، ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڄار وڇايو ويو ۽ پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل هو ان جي لاءِ مشڪلاتون پ??دا ڪري ڇڏيون، ساڍي ٽي سالن ۾ اڳوڻي حڪومت عوام کي پيٽرول، کاڄرو تيل، کنڊ ۽ گيهه جهڙي ضروري شين جي مد ۾ هڪ رپئي جو ريليف نه ڏنو ۽ نه ئي پاڪستان جي معاشي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ڪو منصوبو ٺاهيو ويو جڏهن ته 22 هزار ارب جا قرض ورتا ويا ان وقت ملڪ ۾ ڪا افراتفري نه هئي، لاڏلي حڪومت ۽ لاڏلي کي اها سپورت ڏني وئي جيڪا پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ ڪنهن کي نه ملي ۽ نه ملندي، اهڙي سپورٽ جيڪا لاڏلي کي ملي، جيڪڏهن ا??ان جي حڪومت کي 30 سيڪڙو به ملي هجي ها ته پاڪستان راڪيٽ وانگر مٿي وڃي ها، ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي نه ئي اهي خيالي دنيا جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ا??ان سي پيڪ تي ڪم تيزي ??ان ڪرايو هو، ا??ان لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو هو، پورٽ قاسم، پنجاب سميت مختلف جاين تي ا??ان بجلي جا منصوبا شروع ڪيا، ونڊ مل ۽ پن بجلي ملڪ جي ضرورت آهي، جيتري تيزي ??ان ۽ سستي بجلي جا منصوبا ا??ان هنيا تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، ا??ان جي انهن قدمن جي ڪري ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي، اڳوڻي دور جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري لوڊشيڊنگ ٻيهر شروع ٿي، اڳوڻي حڪومت جيڪو اربين ڊالر جو قرض ورتو ڪيڏانهن ويو، قوم چڀندڙ سوالن جا جواب گهري ٿي، اڳ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ برآمد ۽ پوءِ درآمد ڪئي وئي ڇا اهو افراتفري جو نتيجو نه هو، ايل اين جي قيمت جڏهن گهٽ هئي ته خريد نه ڪئي وئي، جڏهن مهانگي ٿي ته سودا ڪيا ويا، ايمانداري ??ان تجزيو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ساڍا ٽي سال ملڪ کي کوکلو ۽ برباد ڪرڻ کانپوءِ هاڻي غداري ۽ وفاداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته عام ماڻهو جي زندگي تباهه ٿي چڪي آهي، اهڙي صورت ۾ پُرآسائش ۽ غيرضروري شين جي لاءِ حڪومت هڪ مدي جي لاءِ درآمد تي پابندي هنئي آهي، ا??ان چاهيون ها ته ڊيوٽي به وڌائي سگهياسين پئي پر ڊيوٽي جيڪڏهن 200 سيڪڙو به ڪري ڇڏيون ته الله جن کي حيثيت ڏني آهي اهي پوءِ به اهي پُرآسائش شيون گهرائيندا، ا??ان کي ڪنهن به طرح پرڏيهي ناڻو بچائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ا??ان 4 ارب ڊالر جو کاڄرو تيل درآمد ڪريون ٿا، اسان پ??رآسائش شين جي درآمد تي پابندي هڻي کاڄرو تيل جي لاءِ پئسا بچائي سگهون ٿا، اها قومي خدمت آهي، جڏهن مشڪل اچي وئي آهي ته قرباني ڏيڻي پوندي ۽ اها قرباني انهن کي ڏيڻي پوندي جن کي الله وڌيڪ نوازيو آهي. وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهو يتيم، بيواهه جن وٽ دوا، کير ۽ بنيادي ضرورتن جي لاءِ پئسا نه آهن اهي ڏسن ٿا ته اشرافيه پُرآسائش شيون گهرائي ٿي، هر شيءَ ٻاهران گهرائڻ ??ان مقامي انڊسٽري جو به نقصان ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن ??ان ملڪ ۾ استحڪام ايندو، واپارين ۽ صنعتڪارن کي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ا??ان کي گڏجي ملڪ جي تقدير بدلائڻي آهي، جيڪڏهن جاپان، جرمني ۽ چين مشڪل حالتن مان نڪري دنيا جي وڏي معاشي طاقتون بڻجي سگهن ٿا ته ڇا ا??ان جي تقدير ۾ لکيل آهي ته ا??ان سدائين ڀڪاري رهنداسين؟ نه. هن چيو ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي ۽ خون پسينو وهائڻو پوندو ۽ ڪمزور تي شفقت جو هٿ رکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ا??ان ائٽمي طاقت آهيون ۽ ڪنهن ا??ان تي ميري نظر وڌي ته ان کي خاڪ ۾ ملائي سگهون ٿا پر ا??ان آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڀارت کان پ??تي رهجي ويا آهيون، ا??ان جا نوجوان قابل آهن ۽ ا??ان آءِ ٽي ۾ ڀارت جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، مون آءِ ٽي جي وزير کي چيو آهي ته ٻن سالن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ 15 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ جو منصوبو ٺاهيو وڃي. وزيراعظم سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته اتحادي پارٽين ۽ ڪاروباري برادري ??ان گڏجي ويهي منصوبا ٺاهي ۽ سعودي عرب جي هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي تحفي مان فائدو کڻندي ڊي سيلينيشن پ??انٽ لڳائي، سمورن صوبن ۾ آءِ ٽي ٽاور ٺهن ۽ نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وڃي ته آءِ ٽي ا??ان جي سڀ کان وڏي صنعت بڻجي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته هڪ شفاف پاليسي جي ذريعي وفاق ۽ صوبا گڏجي ايڪسپورٽ انڊسٽريل زون ٺاهي سگهن ٿا، جڳهه جي نشاندهي ڪري ان تي انفراسٽرڪچر کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ ايڪسپورٽرز کي زمين مفت ڏني وڃي ته جيئن اهي صنعتون لڳائين، ان جي لاءِ ون ونڊو آپريشن هجي ۽ بئنڪن کان قرض به جاري ڪيا وڃن ته ا??ان درآمدي بدران برآمدي ملڪ بڻجي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڳوٺن ۾ ايگرو بيسڊ انڊسٽريز لڳايون وڃن ته جيئن شهرن طرف لڏپلاڻ جو رجحان گهٽ ٿئي، اهي قدم کنيا ته ا??ان کي منتون ڪري جي ايس پي پلس ڪرائڻ جي ضرورت نه رهندي. وزيراعظم چيو ته چين ا??ان جو بهترين دوست آهي پر سي پيڪ تي هٿ ٺوڪين الزامن ??ان ان کي ناراض ڪيو ويو ۽ منصوبن تي ڪم سست ٿي ويو، چين ڪراچي سرڪلر ريلوي جي لاءِ مون کي خاطري ڪرائي آهي، هاڻي ا??ان کي پاڻ اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻا آهن. وزيراعظم ڪراچي جي صنعتڪارن پاران تجويز جي جواب ۾ چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي سنڌ 62 سيڪڙو گئس فراهم ڪري ٿو پر اهڙو فارمولو ٺاهيو وڃي جو ڪراچي جي صنعت کي به فائدو ٿئي ۽ پاڪستان کي به، جيڪڏهن گهريلو گئس بند ڪنداسين ته عوام کي مشڪل ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ساليانو 20 ا??ب ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ا??ان جي امپورٽ ايڪسپورٽ ۾ 45 ارب ڊالر جو فرق آهي، اهو ا??ان ڪٿان پ??رو ڪنداسين، ا??ان کي توانائي جي متبادل ذريعن طرف وڃڻو پوندو، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب سميت ملڪ ۾ سولر ۽ ونڊ جا منصوبا شروع ڪري سگهجن ٿا پر ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو، گرين انرجي ??ان 20 ا??ب ڊالر بچائي سگهجن ٿا، الله پاڪستان کي سج ۽ هوا سميت قدرتي وسيلن ۽ نعمتن ??ان مالامال بڻايو آهي، اڳوڻي حڪومت جيڪڏهن پ??هنجي ساڍي ٽي سالا دور ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه ڪري ها ته ا??ان انهن کي سليوٽ ڪريون ها. وزيراعظم چيو ته ا??ان اقتصادي ۽ سياسي لحاظ ??ان مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيا آهيون، 2018ع ۾ مون پ??هنجي پهرين تقرير ۾ چيو هو ته چارٽر آف اڪانومي ٺاهيو پر منهنجي تذليل ڪئي وئي ۽ مذاق اڏايو ويو، آمريڪا ۾ فارن پاليسي سميت قومي پاليسي حڪومت ??ان تبديل نه ٿي ٿئي، قومي بقاءَ، سلامتي ۽ خوشهالي جي ايشوز تي سڄي قوم هڪ هوندي آهي، ا??ان کي سولر ۽ ونڊ تي اڳتي وڌڻو پوندو، سيڙپڪار موجود آهن، چين ان شعبي ۾ سٺي سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهي، جادو ??ان حالتون تبديل نه ٿينديون، هينئر منهنجي دوست ملڪ ??ان ڳالهه ٿي آهي اهو ا??ان جا قرض رول اوور ڪري رهيو آهي، ا??ان 75 سالن کان قرض وٺي ڪم هلائي رهيا آهيون. وزيراعظم سولر تي 17 سيڪڙو ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته جيستائين الله تعاليٰ زندگي ڏني اهي خادم بڻجي قوم جي خدمت ڪندو رهندس.