اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف لا??ور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان سندس عهدي جو حلف ورتو، حلف برداري تقريب گورنر هائوس لا??ور ۾ منعقد ٿي، حلف برداري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز اشرف حضرت داتا گنج بخش رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، تر??ي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لا??ور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موجب لا??ور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو