اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورتون اسان جي ملڪي آبادي جون اڌ کان وڌيڪ آهن، انه?? کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت عورت?? کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عورت?? کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي اڌ آبادي کان ڪم وٺي رهيا ??هيون، ان لاءِ عورت?? کي نه رڳو گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي پر انه?? کي اهڙو بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. هن چيو ته جڏهن مون سروس شروع ڪئي ته 185 جي بيچ ۾ اسان صرف 9 عورت آفيسر هيونسين، هاڻي جيڪي بيچز اچي رهيون آهن انهن ۾ سئو کان وڌيڪ عورتون هونديون آهن، حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته عورت هجڻ جي ناطي آئون عورت آفيسرن جي مشڪل?? کي چڱي طرح سمجهان ٿي، عورتن جي نمائندگي هر سطح تي هجڻ گهرجي، عورتون ٻنين ۽ گهرن کان وٺي هر ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اڪثر انهن جي صلاحيتن ۽ ڪردار جو اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي ته انهن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت عورت?? کي انهن جا وراثتي ۽ ٻيا ??ق ڏيارڻ ۽ معاشي طور تي انه?? کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي.