اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر علي خان جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرو??ت آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان ٽرسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ??در چيو ته مولانا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. هن چيو ته مولانا جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرو??ت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران ??در کي مولانا ظفر علي خان ميموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وف?? مولانا جي صحافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽرسٽ جي خدمتن بابت آگ??هه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان مرحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.