اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ روينيو شعبي ۾ سڌاراجاتي عمل ۽ پي ايس ڊي پي تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪڻ?? جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان کنيل قدمن تي پڻ ڳالهه ??ولهه ڪئي وئي.