اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان ڪ??مياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو ??لا??ڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي جي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ڪيا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آفريدي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ته اي اين پي جو شوڪت اميرزاده، پي پي جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري ??لا??ڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪام??اب?? تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت ترين وڏي اڪثريت سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وزير محمود خان ??ي قيادت ۾ صوبائي حڪومت هر مقابلي ۾ ڪام??اب?? حاصل ڪئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.