اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ??هي?? جنهن جو ڪو به اخلاقي، انس??ني جواز نه ??هي?? اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل ??هي?? دين به اقيلتن جي تحفظ جو درس ڏي ٿو. افغانستان ۾ ح??لت??ن خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا. اوورسيز پاڪست??ني اسان جو اثاثو آهن. برسلز ۾ بيلجيم جي دوري جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته بيلجيم جي ڪنهن پرڏيهي وزير سان گڏ 10 سالن جي وقفي کانپوءِ ٻطرفي ملاقات ٿي. اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سائنسي، تعليمي ۽ زريعي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نيٽو هيڊڪوارٽرز ۾ جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ٿي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪيو آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته اهو تعاون آئنده به جاري رهي، مون ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي درپيش خطرن کان ان کي آگاهه ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ سڀني جي مفاد ۾ ??هي?? هن چيو ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ يورپي يونين جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان اسلام آباد ۾ ڪانفر??س جو انعقاد ڪنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته آئون انهن جي سامهون اهي ٺوس قدم رکندس جيڪي پاڪستان دهشتگردي، مني لانڊرنگ جي خلاف کنيا، هن چيو ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جو ڪو به اخلاقي، انس??ني جواز نه ??هي?? ان واقعي تي پاڪستان کي شرمندگي کڻڻي پئي. هن وقت تائين 132 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن، 26 جوابدار جن تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي. دين به اقليتن جي تحفظ جو درس ڏئي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته جتي هندستان ۾ اقليتن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي اتي پاڪستان هندستان سميت سڄي دنيا ۾ سکن جي لاءِ ڪرتار پور لنگهه کي کوليو، پاڪستان ۾ ديوالي ۽ ڪرسمس جي تهوارن کي پوري مذهبي آزادي سان ملهايو ويندو ??هي?? جتي اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري بڻجندي آهي ته اتي ميڊيا جي به تمام اهم ذميداري ??هي?? هن چيو ته ملڪ عدنان به ان هجوم ۾ موجود هو جنهن جي ڪردار کي وزيراعظم عمران خان ساراهيو ۽ ان جي لاءِ تمغا شجاعت جو اعلان ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اسان جو مقصد افغانستان جي اڀرندڙ اقتصادي ۽ انس??ني بحران کان بچڻ آهي. اهو ئي پيغام مون اڄ ڏنو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ح??لت??ن خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا، هن چيو ته اوورسيز پاڪست??ني اسان جو اثاثو آهن، هنن ٻاهر رهي ڪري محنت سان پنهنجي عزت ٺاهي آهي ۽ انهن 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو، هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني کانپوءِ جڏهن افغانستان ۾ طالبانن جي عبوري حڪومت قائم ٿي ته هندستان اسان کي ذميوار بڻائڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ مهم هلائي پر انهن کي ناڪامي ٿي، مون کي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل ٻڌايو ته يورپي يونين امدادي سامان تي ٻڌل 7 جهاز افغانستان موڪليا، 38 ملين افغانين جي معاشي مدد ڪرڻي پوندي ۽ اڄ دنيا مصروف ٿي چڪي آهي ۽ افغانستان جي 6 ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پليٽ فارم قائم ٿي چڪو ??هي?? اسان کي باور ڪرائي رهيا آهيون ته پاڪستان اڪيلو اهو بار نٿو کڻي سگهي، تنه?? ڪري اسان گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان پهريون ئي تقريبن 40 لک افغان پناهگيرن جو بار کڻي رهيو آهي.