اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات، رنگ، يا نسل سان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، حڪومت پاڪستان انساني حقن جي تحف?? ۽ ??روغ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ عزت نفس جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري رکندي، اسان کي عورتن جي حقن کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. انساني حقن جي عالمي ڏينهن 10 ڊسمبر 2021ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چي?? ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ هر سطح تي انساني حقن جي فروغ لاءِ اسان جي پختي عم جي نشاندهي ڪري ٿو، نساني وقار کي برقرار رکڻ، انساني حقن جو تحفظ ۽ انساني آزادي ۽ برابري کي يقيني بڻائڻ اسان جي مذهب ۽ آئين جا ڪجهه بنيادي اصول آهن.
هن چي?? ته هن سال جي انساني حقن جي ڏينهن جو ٿيم ”برابري“ ۽ يو ڊي ايڇ آر جي آرٽيڪل 1 – ”سمورا انسان آزاد پيدا ٿيا آهن ۽ وقار ۽ حقن ۾ برابر آهن“ بابت آهي، هن چي?? ته برابري ۽ عدم امتياز جا اصول انساني حقن جي سڃاڻپ آهن. برابري، جامعيت ۽ عدم امتياز تي ٻڌل موقف اڻبرابري کي گهٽ ڪندو آهي ۽ معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي. صدر چي?? ته پاڪستان جو آئين پنهنجي شهرين کي ذات رنگ يا نسل کان قطع نظر آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. حڪومت پاڪستان انساني حقن جي تحف?? ۽ ??روغ لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست جي هر شهري جي آزادي، وقار ۽ عزت نفس جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. هن چي?? ته معاشري جي ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقن جي تحفظ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت جو ادراڪ ڪندي حڪومت انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ??ان??ني، معاشي ۽ سماجي ڍانچو قائم ڪرڻ جيل اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چي?? ته اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، اسان کي عورتن جي وراثت جي حقن کي يقيني بڻائڻ کانسواءِ خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چي?? ته آئون اڄ ان موقعي تي غير ??ان??ني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان مسلسل فوجي لاڪ ڊائون، ڪرفيو ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن کي دٻائڻ تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا، صدر چي?? ته ان ڏينهن آئون عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿ?? ته هو اڳتي اچي ۽ غير??ان??ني طور تي ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي انساني حقن جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان جي خودمختياري واري حق لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چي?? ته آئون گڏيل قومن جي ادارن، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ميڊيا کي به ساراهيان ٿ?? ته هو اسان جي ماڻهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.