اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، بار ايسوسيئيشنز جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ان ۾ ڪا مداخلت نه هجي، ايندڙ دور ڊيجيٽل آهي، ليگل سسٽم جي مضبوطي جي لاءِ ريفارمز ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته ملڪي مفاد بار ايسوسيئيشنز سميت اسان سڀني جي لاءِ مٿانهون اهي، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي ??هي ۽ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هر سطح تي وڪيلن سان گڏ بيٺل آهيون، آئين ۽ قانون جي سربلندي جي لاءِ وڪيلن جون اڻٿڪ خدم??ون ساراهه جوڳيون آهن. هن بار ايسوسيئيشن تي زور ڏنو ته اها التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردا?? ادا ڪري. هن چيو ته بار ايسوسيئيشن جي هڪ اهڙي باڊي هجڻ گهرجي جيڪا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيصلن جي ڀيٽ ڪري. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته وڪيل برادري جي مس??لن کان آگاهه آهيون، وڪيلن جي مس??لن جو حل اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اطلاعات واري و??اقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر چوڌري محمد احسن ڀون، نائب صدر (پنجاب) خاور اڪرام ڀٽي، سيڪريٽري وسيم ممتاز ملڪ، چوڌري رياست علي گوندل ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيٽر علي ظفر، پاڪستان بار ڪائونسل جي عهديدارن طاهر نصرالله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻن سيڪريٽرين راڻا شهزاد ۽ صفدر حسين تارڙ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان وڙائچ، نائب صدر (سنڌ) عزيز احمد خان، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (سنڌ) جان علي جوڻيجو، ذوالفقار حيدر شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (پنجاب) راڻا اختر علي، چوڌري طارق جاويد ۽ اوورسيز پاڪستانيز فورم جي چيئرمين محمد ساجد تارڙ شرڪت ڪئي.